لاڙڪاڻي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل صائمه جروار واري ڪيس جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن

larkana saima

لاڙڪاڻي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل صائمه  جروار  واري ڪيس جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته مختلف ڌرين طرفان احتجاج جاري آهي.

حيدري ٿاڻي جي حد ۾3 ڏينهن اڳ  اغوا بعد قتل ڪيل 9 ورهين جي ٻارڙيءَ صائمه جروار واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي  چيئرمين رياض چانڊيو صائمه جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته واقعي ۾ ملوث  سمورن جوابدارن کي 3 ڏينهن اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

هوڏانهن واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور جي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ سماجي تنظيم ايم آر ايس پي ڪارڪنن عبدالغني بجاراڻي، مصطفيٰ آڪاش، ايڊووڪيٽ ستار هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به جوابدار گرفتار نه ڪرڻ زيادتي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته صائمه جروار واري واقعي  جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*