پيرجوڳوٺ ۾پاڻي جي کوٽ خلاف ڪنگري جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

pir jo goth pani pro

پيرجوڳوٺ ۾پاڻي جي کوٽ خلاف  ڪنگري جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪنگري جي آبادگارن سليم الله سولنگي، عبدالجبار ٽڳڙ، دوست محمد جاگيراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکرپيرڳوٺ  روڊ تي کوسا پل اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيدر واهه ۽ ٻين واهن توڙي شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جنهنڪري کجين، انبن، ليمن جا باغ ۽ مختلف فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن.

 هنن چيو ته حيدر واهه ۾ بااثرن غيرقانوني دڪا ۽ لول هڻي وڏو ناحق ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن گھر ڪئي ته فوري طور غيرقانوني ٺهيل دڪا ۽ واٽر ڪورس ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*