لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارڙيءَ صائمه جروار کي اغوا بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي

dokri saima jarwar qatln khlaf ahtjaj

لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارڙيءَ صائمه جروار کي اغوا بعد قتل ڪرڻ واري واقعي   جا جوابدار پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ٽن ڏينهن جي ورتل مهلت ختم ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف  اسڪولي ٻارن احتجاجي ريلي ڪڍي شهر ۾پ پ چيئرمين، صوبائي گهرو وزير ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي تصويرن آڏو چوڙيون ٽنگي نعريبازي ڪئي.

حيدري ٿاڻي جي حد ۾6 ڏينهن اڳ  اغوا بعد قتل ڪيل معصوم ٻارڙيءَ صائمه جروار جي قتل ڪيس ۾ پوليس اڃان تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان ٻارڙي صائمه جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ وارثن کان ورتل ٽن ڏينهن واري مهلت اڄ ختم ٿي وئي آهي.

 هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾پرائمري اسڪول غلام محمد ڀٽو جي استادن ۽ شاگردن غلام مجتبيٰ، ٻارڙين عاصمه سيال، شمع ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾پمفليٽ کڻي پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي ريلي ڪڍي.

ريلي ۾ شامل اسڪولي ٻارن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي تصويرن آڏو چوڙيون ٽنگي نعريبازي ڪئي.

ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌ تي ڪارروائي ڪري وڌيڪ 5 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيوآهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

جڏهن ته ڏوڪري ۾سول سوسائٽي ۽ جروار برادري طرفان صابر جروار، شيراز کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

باڊھ  ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ  پاران ڪارڪنن محمد علي خشڪ ، منور نوناري ۽ ٻين   جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي  ۽مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت ۽ انتظاميا معصوم صائمه جروار جي قتل واري واقعي بابت خاموش ۽ ننڊ ستل آهي.

هنن چيو ته  اڃاتائين معصوم ٻارڙي جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، اها سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽس وٺي معصوم ٻارريءَ جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*