عمرڪوٽ جي نينگري اميشا خاصخيلي ڪيڏانهن وئي، معاملو اڃا تائين ڳجارت بڻيل آهن

ameesha khaskeli

عمرڪوٽ جي نينگري اميشا خاصخيلي ڪيڏانهن وئي، معاملو اڃا تائين ڳجارت بڻيل آهن، عمرڪوٽ پوليس، ساماري جي مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا هنيا پر نينگري هٿ نه اچي سگهي، گذريل 4 ڏينهن کان لاڪپ ڪيل جوابدارن خلاف به اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

ايس ايس پي عمرڪوٽ جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم نينگري اميشا خاصخيلي جي بازيابي لاءِ ساماري جي مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا هنيا پر نينگري هٿ نه اچي سگهي.

پوليس پاران نينگري جي گم ٿيڻ واري معاملي ۾ گذريل 4 ڏينهن کان گرفتار ڪيل سيف الله پلي ۽ فيض پلي خلاف به اڃا تائين ڪو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي نئين مقرر ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ چيو ته نينگري جي بازيابي ۾ 4 کان 5 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

ان کان اڳ اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ عثمان اعجاز باجوه دعويٰ ڪئي هئي ته نينگري اميشا کي 8 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائي خوشخبري ڏني ويندي.

عمر ڪوٽ جي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪوثر تحفظ لاءِ پهتل نينگري اميشا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران هڪ قسم نامي تي وارثن کان صحيحيون وٺي کيس گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي ميڊيا ۽ سول سوسائيٽي ۾ گوڙ ٿيڻ بعد معاملي ڪر کنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*