سنڌڙي ويجهو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جاري نه ڪئي وئي آهي

sindhri

سنڌڙي ويجهو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جاري نه ڪئي وئي آهي، پوليس عيوضي ۾ جوابدار جي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار اڃا به فرار آهي.

سنڌڙي ويجهو ٻه ڏينهن اڳ مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري جو گذريل ڏينهن ميرپورخاص سول اسپتال مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو هو.

ليڊي ڊاڪٽر موجب نينگري جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ڪراچي اماڻيا ويا آهن، اڄ شام تائين نتيجا ملي ويندا.

نينگري جي پيءُ جي فرياد تي دلبر مهر ٿاڻي تي پوليس جوابدار ڀوڄو ڪولهي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو هو.

پوليس ڪالهه پنگريو ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار جي ٻن ڀائرن مدن ۽ لال چند کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري ورتو هو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*