ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 5 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي

sharjeel memon

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي  5 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي، جوابدار شرجيل ميمڻ سميت ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته منهنجي چونڊ وڙهڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منهنجي چونڊ وڙهڻ بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، لياقت آباد جلسو بلاول ڀٽو زرداري جي محنت جو ثمر آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صحيح چيو آهي ته عمران خان ٻيو الطاف حسين ٿيڻ چاهي ٿو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو صحيح قيادت جي تلاش ۾ آهن، منهنجي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*