لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارڙيءَ صائمه جروار کي اغوا بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

larkana saima pro

لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارڙيءَ صائمه جروار کي اغوا بعد قتل ڪرڻ واري واقعي   جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

 لاڙڪاڻي ۾پرائمري اسڪول غلام محمد ڀٽو جي استادن ۽ شاگردن غلام مجتبيٰ، ٻارڙين عاصمه سيال، شمع ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾پمفليٽ کڻي پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي ريلي ڪڍي.

ريلي ۾ شامل اسڪولي ٻارن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي تصويرن آڏو چوڙيون ٽنگي نعريبازي ڪئي.

جڏهن ته ڏوڪري ۾سول سوسائٽي ۽ جروار برادري طرفان صابر جروار، شيراز کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

باڊھ  ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ  پاران ڪارڪنن محمد علي خشڪ ، منور نوناري ۽ ٻين   جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي  ۽مظاهرو ڪيو.

ٽنڊي ڄام ۾ صائما جروار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ڪومل سنڌو جي اڳواڻي ۾ آءِ ٽي فيڪلٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت ۽ انتظاميا معصوم صائمه جروار جي قتل واري واقعي بابت خاموش ۽ ننڊ ستل آهي.

هنن چيو ته  اڃاتائين معصوم ٻارڙي جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، اها سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽس وٺي معصوم ٻارريءَ جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*