افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ٿيل 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ۽ 23 زخمي ٿي پيا

afghanistan

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ٿيل 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ۽ 23 زخمي ٿي پيا، پرڏيهي خابرو اداري جو چيف فوٽوگرافر به مارجي ويلن ۾ شامل آهي.

خابرو اداري موجب پهريون ڌماڪو ششدرڪ جي علائقي ۾ افغان ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس آفيس ڀرسان ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو شهري ترقي ۽ هائوسنگ بابت وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز ٻاهران ان مهل ٿيو جڏهن ماڻهو آفيس  اندر داخل ٿي رهيا هئا.

 افغان صحت کاتي واري ترجمان ڌماڪن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ 23  ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

مارجي ويل پرڏيهي خابرو اداري جو چيف فوٽو گرافر پهرئين ڌماڪي جي ڪوريج دوران ٻئي ڌماڪي جو شڪار ٿيو.

ڪابل پوليس جي ترجمان  ششدرڪ ۾ ٿيل ڌماڪي بابت خودڪش هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪنهن به گروپ ذميواري قبول نه ڪئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*