سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

dr-zulfqar-marza

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي  ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت چار جوابدار عدالت ۾ پيش  ۽ 7 جوابدار پيش نه ٿيا.

جسٽس عبدالمالڪ جي سربراهي ۾ سنگل بئنچ بريت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي غير حاضر جوابدارن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کي مقامي عدالت پاران بري ڪرڻ خلاف سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

عدالت ذوالفقار مرزا جي بريت واري درخواست جي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*