قصور ۾ عدليا خلاف نعرا هڻندڙ ۽ ريليون ڪڍندڙن خلاف درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي

Lahore-High-Court-19816

قصور ۾ عدليا خلاف نعرا هڻندڙ ۽ ريليون ڪڍندڙن خلاف درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ  ۾ داخل ڪئي وئي، چيف جسٽس، درخواست جسٽس مظاهر علي نقوي ڏانهن موڪلي ڇڏي، فل بئنچ 2 مئي تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڊسٽرڪٽ قصور بار جي صدر مرزا نسيم قصور ريلي ۾ عدليا خلاق نعرا هڻڻ  خلاف درخواست داخل ڪرائي.

دخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 13 اپريل تي قصور ۾ نوازشريف جي نااهلي تي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عدليا خلاف نعرا  هنيا.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته عدليا خلاف نعرا هڻندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ فل بئنچ جوڙي ڇڏي، 2 مئي ته فل بئنچ ٻڌڻي ڪندي.

فل بئنچ ۾ جسٽس مسعود جهانگير ۽ جسٽس عاطر محمود شامل آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*