اسلا م آباد ۾ آمريڪي سفارتڪار جي گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نزاڪت ۽ وسيم خلاف غفلت سان گاڏي هلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

isb car report

اسلا م آباد ۾ آمريڪي سفارتڪار جي گاڏي  جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نزاڪت ۽ وسيم خلاف غفلت سان گاڏي هلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، آمريڪي سفارت ڪار جي پاڪستاني گارڊ تيمور خلاف به ڊيوٽي اٽڪاءُ  جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گذريل رات دير سان اسلام آباد جي ريڊ زون واري علائقي ۾ سيڪريٽريٽ چوڪ وٽ آمريڪي سفارتخاني جي تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل کي ٽڪر  هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نزاڪت ۽ محمد وسيم زخمي ٿي پيا.

رضاڪارن پهچي زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو، جتي کي طبي امداد ڏني وئي.

پمز اسپتال جي ترجمان موجب، زخمي ٿيل نزاڪت ۽ محمد وسيم جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، کين اندروني ڌڪ لڳا آهن.

ذريعن موجب، حادثو رات 9 لڳي 40 منٽ تي پيش آيو، جنهن بعد آمريڪي شهري کي ٿاڻي منتقل ڪيو. جتي هن سفارتي دستاويز پيش ڪيا، جنهن جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي.

ڪاغذن جي تصديق بعد آمريڪي سفارتڪار کي آزاد ڪيو ويو.

هوڏانهن واقعي جو ڪيس سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي،

ايف آءِ آر ۾ ڊيوٽي آفيسر تي حملو ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب، آمريڪي سفارتخاني جي آفيسر تيمور، اهلڪارن کي ڌمڪي ڏني ۽ سفارتڪار ۽ ان جي گاڏي کي ٿاڻي منتقل ڪرڻ کان روڪيو هو.

اسلام  آباد پوليس موٽر سائيڪل سوارن خلاف به ڪيس داخل ڪري ورتو، جنهن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جا سبب ٻڌايا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب، موٽرسائيڪل سوار اوچتو آمريڪي سفارتڪا ر جي جيپ آڏو آيا، جنهن سبب حادثو پيش آيا.

واضح رهي ته 7 اپريل تي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتڪار ڪرنل جوزف جي گاڏي جي ٽڪر ۾ عتيق نالي نوجوان فوت ٿي ويو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*