سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 202 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

lahore supreme court

سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 202 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 202  آئين جي روح خلاف آهي، هن سيڪشن تحت سياسي جماعت 2 لک رپيا جمع ڪرائڻ جي پابند آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 202 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 202، آئين جي روح خلاف آهي، سيڪشن موجب هر سياسي جماعت 2 لک رپيا فيس جمع ڪرائڻ جي  پابند آهي.

درخواستگذار چيو ته ايڪٽ ۾ جماعتون ٻن هزارن جي ميمبرن جا سڃاڻپ ڪارڊ جمع ڪرائڻ جون به پابند آهن،

درخواستگذار چيو ته ايڪٽ ۾ جماعتن کي ٻن هزار ميمبرن جا سڃاڻپ ڪارڊ جمع ڪرائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي. آئين تحت هر شهري کي سياسي جماعت ٺاهڻ جو حق آهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ درخواست تي دليل ٻڌڻ  بعد درخواست کي رد ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*