سنڌڙي ويجهو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري کي حالت خراب ٿيڻ سبب ميرپورخاص اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

sindhri rape

سنڌڙي ويجهو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري کي حالت خراب ٿيڻ سبب ميرپورخاص اسپتال منتقل  ڪيو ويو آهي، نينگري جي ميڊيڪل چيڪ اپ رپورٽ اڄ جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو.

سنڌڙي ويجهو دلبر مهر ٿاڻي جي حد ۾ مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري کي حالت خراب ٿيڻ سبب ميرپورخاص سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ليڊي ڊاڪٽر موجب ميڊيڪل رپورٽ لاءِ نينگري جا جزا ڪراچي موڪليا آهن، اڄ شام تائين رپورٽ ملي ويندي، جنهن کانپوءِ نتيجا جاري ڪيا ويندا.

سنڌڙي ويجهو ٻه ڏينهن اڳ مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري جو گذريل ڏينهن ميرپورخاص سول اسپتال مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري جزا ڪراچي موڪليا ويا هئا.

گذريل ڏينهن پوليس پنگريو ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار جي ٻن ڀائرن مدن ۽ لال چند کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته جوابدار ڀوڄو ڪولهي اڃا به فرار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*