سکر ۽ خيرپور ۾ وڪيل جي ڀاءُ کي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا

wakeel pro

سکر ۽ خيرپور ۾ وڪيل جي ڀاءُ کي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.

هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جعفر شاهه جي ڀاءُ عباس حيدرشاهه کي 4 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو

اغوا واقعي خلاف سکر هاءِ ڪورٽ بار پاران وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهروڪيو.

خيرپور ۾ وڪيلن فرمان قناصرو، منظور انصاري ۽ٻين جي اڳواڻي ۾عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي  ايس ايس پي آفيس  ۽ پريس ڪلب خيرپور آڏو مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته عباس حيدر شاهه ايل ايل بي جو آخري سال جو شاگرد آهي، کيس فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته هڪ هفتو اڳ جعفر شاهه کي به اغوا ڪيو ويوهو، جيڪو هڪ ڏينهن بعد بازياب ٿيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*