ميهڙ ۾ اديبن ۽ پبليڪيشن سان واڳيل ماڻهن پاران سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ سميت ٻيا مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

maher sindhi boli

ميهڙ ۾ اديبن ۽ پبليڪيشن سان واڳيل ماڻهن پاران سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ سميت ٻيا مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي اديبن، پبلڪيشنز ۽ ٻين شعيب سان واڳيل ماڻهن آزاد انور ڪانڌڙو، جوهر بروهي ۽ پروفيسر اياز لاکير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏئي سنڌي ڳالهائيندڙ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري عوام کي حراسان ڪيو پيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ قومپرست ڪارڪنن کي کنڀڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪري سنڌي عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*