اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته، عوام جي خدمت ڪندڙن جون ڄنگهون ڇڪڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي

nawaz and mariyam

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته، عوام جي خدمت ڪندڙن جون ڄنگهون ڇڪڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، هٿ ٺوڪيا فيصلا ڪندڙن کي مستقبل ۾ پڇتاءُ کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو، پي ٽي آءِ جي لاهور واري جلسي ۾ پشاور جا ماڻهو آيا ۽ ايجنڊا وري ڪنهن ٻئي جي هئي،

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته گذريل ڏينهن وارو جلسو لاهور جو ۽ مجموعو پشاور جو هو ۽ ايجنڊا وري ڪنهن ٻئي جي هئي.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، دنيا کي خبر پئجي وئي آهي، جيڪو ڪجهه مرڪز ۽ پنجاب ۾ ٿيو، ان سان ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته اڄ پنجاب کي ڏسو، پوءِ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي ڏسو، لاهور ڏسو ۽ ٻيا شهر ڏسو، پري پري تائين ڪو به مقابلو نظر نه ايندو. فرق صاف ظاهر آهي.

هن چيو ته نواز ليگ جڏهن به اقتدار ۾ آئي هميشه ترقي جي ايجنڊي تي عمل ڪيو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته  اڄ ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر جڙي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ نئون ايئرپورٽ ڏسي دل خوش ٿيندي آهي، پر مان ان جو افتتاح نه ڪري سگهيس. ان سان ڪو به فرق نٿو پئي .

هن چيو ته  اسان جي ايجنڊا کي 10، ويهه سال ملي وڃن ها ته ملڪ جي تصوير بدلجي سگهجي پئي،  هڪ نئون پاڪستان ٺهي سگهي پيو پر هتي ڪم ڪرڻ ڪير ڏئي ٿو، عوام جي خدمت ڪندڙن جون ڄنگهون ڇڪيون وڃن ٿيون.

نوازشريف چيو ته هي مصنوعي فيصلا ٿي رهيا آهن انهن تي عمل ئي ممڪن نه آهي، جيڪي اهڙا فيصلا ڏئي رهيا آهن، اهي پڇتائيندا، ڇاڪاڻ  ته اهو پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي.

هن چيو ته 70 سالن کان جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ڏٺو آهي، اهڙو ڪو به منظر پاڙيسري ملڪ ۾ نه ڏٺو آهي. بنگلاديش ۾ به اهڙا منظر نظر نٿا اچن، اسان جي ڪهاڻي ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته ڀارت ۽ چين پاڻ ۾ دوستي ڪري رهيا آهن، افسوس اسان ماضي کان ڪجهه به نه سکيو آهي.

نوازشريف چيو ته مون کي اقامي تحت نااهل ڪيو ويو ۽ ججن خواجا آضف کي وڏي دل سان نااهل ڪيو، مون کي خوشي آهي ته منهنجي دل تي ڪو به بار نه آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*