ٽنڊوغلام علي ۽ ڍورو نارو ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

tando gulam ali panitando gulam ali pani

ٽنڊوغلام علي ۽ ڍورو نارو ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ٽنڊو غلام علي ۾ جرڪس، آمرلو، واگھريجي، گھڙو ۽ کوسڪي سميت 17 کان وڌيڪ شاخن ۾ پنج مھينن کان پاڻي جي ھٿراد کوٽ خلاف آبادگارن حاجي خدابخش جروار، شاھد آرائين ۽ عظيم کوسو جي اڳواڻي ۾ نئون دمبالو ريگيوليٽر موري تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو.

ڌرڻي سبب حيدرآباد-ٽنڊوغلام علي روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

آبادگارن چيو ته آبپاشي عملي جي ڪرپشن ۽ نااهلي خلاف سڀاڻي دمبالو شهر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي.

ڍورو نارو ۾ جمعا شاخ جي آبادگارن شاخ ۾ چئن مھينن کان  پاڻي نه پهچڻ خلاف موچارو نھڙي، حمزو سميجو ۽ اڪبر منڱريو جي اڳواڻي ۾ گرھوڙ شريف-غلام نبي شاهه روڊ تي  ڌرڻو ھنيو.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته آبپاشي عملي جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري زراعت کي تباهي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*