حيدرآباد ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ نوابشاهه واسي نوجوان پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي

hyd suside attemp

حيدرآباد ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ نوابشاهه واسي نوجوان پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوليس اهلڪار ۽ ٻين باهه ڏيڻ کان بچائي ورتو.

پريس ڪلب اڳيان نوجوان سليم زرداري پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي موجود ماڻهن کيس باهه ڏيڻ کان بچائي ورتو.

نوجوان سليم زرداري پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي هڪ مهيني کان پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال تي ويٺل آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم زرداري الزام هنيو ته نوابشاهه ۾ هڪ صوبائي وزير نوڪريون غريبن کي ڏيڻ بدران وڪرو ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*