خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، خيبر ايجنسي جي تيرا ماٿري جي علائقي مهربان ڪـَلي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ ٺڪاڻن ۾ پناهه ورتل 18 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا.

واضح رهي ته خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن خيبر ون ڪاميابي سان جاري آهي، جنهن دوران هيل تائين ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*