فرانس، ايران تي زور ڀريو آهي ته هو جوهري ڳالهين جو حصو بڻجي

franace iran

فرانس، ايران تي زور ڀريو آهي ته هو جوهري ڳالهين جو حصو بڻجي، تهران چيو آهي ته عالمي طاقتن سان ٿيل موجوده ايٽمي ٺاهه تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 فرانس جي صدر ايمينوئل ميڪخوان پنهنجي ايراني هم منصب حسن روحاني سان فون تي ڳالهه ٻول ڪئي، ٻنهي اڳواڻن  هڪ ڪلاڪ تائين فون تي گفتگو ڪئي.

 ان موقعي تي فرانسيسي صدر چيو ته ڳالهين کي، 3 اڻٽر موضوع شامل ڪرڻ لاءِ وسيع ڪيو وڃي، انهن ۾ سنه 2025ع ۾ هن ٺاهه جي خاتمي کانپوءِ واري صورتحال تي بحث، وچ اوڀر تڪرار ۾ ايران جي شموليت ۽ سندس بيلسٽيڪ ميزائيل پروگرام تي ڳالهه ٻول شامل آهي.

 ايراني صدر جي ويب سائيٽ موجب صدر روحاني فرانسيسي صدر کي ٻڌايو ته ايران سنه 2025ع کانپوءِ بين الاقوامي قانون جي پنهنجي وعدي کان وڌيڪ پابندين کي قبول نه ڪندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*