سنڌ رينجرز جي سڀني رينڪس جي آفيسرن ۽ جوانن نئين يونيفارم پهري ورتي آهي

khi rangers uniform

سنڌ رينجرز جي سڀني رينڪس جي آفيسرن ۽ جوانن نئين يونيفارم پهري ورتي آهي، رينجرز ترجمان چيو ته نئين پيٽرن ۾ جوانن ۽ آفيسرن جي يونيفارم تبديل ڪئي وئي آهي.

رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو ته عوام کي اپيل آهي ته نئين يونيفارم ۾ جوانن کي سڃاڻڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پهرين سڀني رينڪس کي واضع ڪرڻ لاءِ شولڊر بيج لڳايا ويندا هئا، هاڻي نئين يونيفارم ۾ رينڪ جي سڃاڻپ سيني تي لڳل بيج سان ڪري سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*