اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته “اينٽ سي اينٽ ” وارو بيان نوازشريف جي چال ۾ اچي ڏنو هو

Asif-Zardari-9917

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته “اينٽ سي اينٽ ” وارو بيان نوازشريف جي چال ۾ اچي ڏنو هو، هو جيترو ويچارو لڳي ٿو اوترو ئي موقعي پرست آهي.

آصف علي زرداري، سينئر صحافين ۽ اڳواڻن کي نواز شريف کان وڇوٽين جا سبب ٻڌائي ڇڏيا.

ذريعن موجب، آصف علي زرداري چيو ته اسان سويلين بالادستي لاءِ نواز شريف سان ها ۾ ها ملائيندا رهياسين، هو اسان کي هر موقعي تي وڪرو ڪندو رهيو.

پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين چيو ته مان سياست کان هٽي نواز شريف سان سماجي تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن منهنجي نيڪ نيتي جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو.

هن چيو ته نواز شريف هر موقعي تي اسان کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي پاڻ ساڻن دوستي ڪئي، پرويز مشرف جي مواخذي کان وٺي ٽوٽا چٻرائڻ جي بيان تائين نواز شريف ٺڳي ڪئي.

هن چيو ته سنڌ ۾ نيب ۽ ٻين ادارن ذريعي ڪارروايون به نواز شريف جي چوڻ تي ڪيون ويون، هو پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڻي، هاڻي مان ڪنهن به صورت ۾ سندس ساٿ نه ڏيندس.

اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف پرويز مشرف تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ته سندس ساٿ ڏنو، نواز شريف پنهنجي ويجهي آفيسر ذريعي خاطري ڪرائي ته پرويز مشرف کي وڃڻ نه ڏينداسين.

اڳوڻي صدر چيو ته مان نواز شريف جي خاطري جي پڪ ڪئي ۽ ٻلي کي نه وڃڻ ڏيڻ جو بيان ڏنو پر نواز شريف پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪليو. …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*