اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته حالتن کان ڊڄڻ ۽ پريشان ٿيڻ وارو نه آهيان

nawazsharif 23318

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته حالتن کان ڊڄڻ ۽ پريشان ٿيڻ وارو نه آهيان، الزام لڳائيندڙن کي به خبرنه آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، ايندڙ چونڊون حڪومت جي پنج سالن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهنداسين، عوامي نمائندا چونڊ مهم تيز ڪن.

اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهبازشريف، مريم نواز، حمزا شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾  ايندڙ چونڊن جي حوالي سان مهم تيز ڪرڻ  ۽ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي نوازشريف چيو ته مان حالتن کان کان ڊڄڻ وارو نه آهيان، الزام لڳائيندڙن کي پاڻ به خبر نه آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي.

هن چيو ته مسلم ليگ اڳ جيان متحد ۽ مصبوط آهي، رڳو ڪجهه مفاد پرست ماڻهو پارٽي کي ڇڏي وڃي رهيا آهن.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايندڙ چونڊون اسان حڪومت جي پنج سالن واري ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهنداسين.  عوامي نمائندا چونڊ مهم کي تيز ڪن.

نوازشريف چيو ته رمضان کان اڳ 10 شهرن ۾ جلسا ڪيا ويندا،

هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو سڄي ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. ووٽ جي عزت بنا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي،

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ٻڌايو وڃي ته پاناما ۾ جن چار سئو ماڻهن جا نالا آيا، انهن خلاف ڪا ڪا ڪارروائي ٿي آهي؟

نوازشريف چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تبديلي جا نعرا کوکلا آهن، ڪراچي ۾ امن ۽ امان جو ڪريڊٽ به مسلم ليگ نه ڏانهن وڃي ٿو. سي پيڪ منصوبو عوام جي لاءِ اسان جي حڪومت جو تحفو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*