ڪراچي جي احتساب عدالت جي جي وي ايل ۾ 17 ارب ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

dr asim

ڪراچي جي احتساب عدالت جي جي وي ايل ۾  17 ارب ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا.

ظهير صديقي جي وڪيل ترميمي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري درخواست تي دليل مڪمل ڪري ورتا آهن.

نيب جي شاهد عظمت جي بيان تي ايندڙ ٻڌڻي دوران ٻين جوابدارن جا وڪيل جرح جاري رکندا.

عدالت ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل ۽ پ پ  اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت اهي ماڻهو افواهون پکيڙي رهيا آهن، جن کي ڪامياب ٿيڻ جي اميد ناهي.

هن چيو ته نواز شريف جلد اڊيالا جيل ويندو، عمران خان جو لاهور وارو جلسو بهتر هو، جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڪارڪنن کي گهرايو ويو هو.

لطيف کوسا چيو ته اعتزاز احسن ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، پيپلزپارٽي جو ئي حصو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*