سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن خيرپور حادثي ۾ 57 ماڻهن جي فوت ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيرپور حادثي سبب روڊ رستن جي ناقص هجڻ تي ميمبرن سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ٿر ۾ ڏڪر سبب پيدا ٿيل صورتحال جي جائزي لاءِ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر جي ٺهراءُ تي بحث ڪندي اپوزيشن ميمبرن حڪومتي نا اهلي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کي بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اڳتي وڌايو.

اجلاس ۾ خيرپور حادثي ۾ 57 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سندن مغفرت ۽ زخمين جي تڪڙي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميمبرن روڊ رستن جي ناقص حالت تي سخت ڇوهه ڇنڊيا، خواجا اظهارالحسن چيو ته حادثن دوران غفلت ڪندڙ ڊرائيورس خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

خواجا اظهارالحسن چيو ته خيرپور حادثي ۾ فوتين جي وارثن سان همدري ڪئي وڃي ۽ فوتين جا مڙهه پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.

ان دوران بحث ۾ حصو وٺندي ف ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته خيرپور حادثي بعد سنڌ حڪومت لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي شهر وٽ حادثو پيش اچڻ باوجود زخمين کي جلد اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، ۽ نه وري فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪوچز جا ڊرائيور نشو ڪري گاڏيون هلائين ٿا ۽ جيئن ته اهي ننڊ به پوري نه ٿا ڪن تنهنڪري اڪثر حادثا سندن غفلت سبب پيش اچن ٿا.

شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ قانون تي عمل  نه ڪرڻ سبب حادثا پيش ايندا آهن، ڪيترن ئي ڊرائيورن وٽ وانئسنس به ناهي هوندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته خيرپور حادثي ۾ ٽرانسپورٽ مالڪ ذميوار آهن، وڌيڪ انڪوائري ڪئي ويندي.

ان دوران مختلف سوالن جي جواب ۾  بلڊنگ اينڊ روڊز کاتي جي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو ته ڪوشش آهي ته عوام لاءِ ٽول ٽيڪس ڏيڻ ۾ سهولت ڪئي وڃي.

  هزار خان بجاراڻي چيو ته حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين ٺهيل باءِ پاس تي هڪ نجي ڪمپني ۽ بينڪ لون سميت سرڪاري فنڊ آستعمال ٿيو، ڪوشش آهي ته صوبي جي ٻين شهرن ۾ اهڙا روڊ ٺاهيا وڃن.

اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ٿر صورتحال جي جائزي لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ان جي رپورٽ جي روشني ۾ عمل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر جي مختلف ميمبرن ڊگها بحث ڪيا.

ميمبرن جي اڪثريت جو اهو چوڻ هو ته ٿر ۾ جيڪا صورتحال آهي، اها اوچتو ڪڙڪيل ڪا آفت نه پر حڪومتي نا اهلي سبب سنگين صورتحال اختيار ڪري ويل آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي ها، اها نه ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*