امن امان سموري ملڪ جو مسئلو آهي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

سنڌ جَي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته امن امان سموري ملڪ جو مسئلو آهي، ڪراچي ۾ رينجرز  ۽ پوليس  ڏوهن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪارروايون ڪري رهيون آهن، امن خراب ڪندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو.

ڪراچي جي سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 510 اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته رينجرز ۽ پوليس ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن جون شڪايتون هيون، حڪومت جي ڪوشش سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سنجيده نوعيت جا واقعا ٿيا آهن، عوام ۽ پوليس اهلڪارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو، سندن ڪوشش آهي ته ڪراچي شهر کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شروع ٿيو، جنهن ۾ رينجرز ۽ پوليس کي گهڻي ڀاڱي ڪاميابي به ملي رهي آهي.

قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو اغوا جو هڪ واقعو پيش آيو آهي، شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ سندن اولين ترجيح آهي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز  ۽ پوليس ڀتا خوري، اغوا ۽ ٻين ڏوهن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪارروايون ڪري رهيون آهن، امن خراب ڪندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*