چيف جسٽس ثاقب نثار ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

Supreme-Court-18816

چيف جسٽس ثاقب نثار ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته هزاره برادري جا قاتل سرعام گهمن پيا، هزاره برادري خوف مان عدالت ۾ درخواست به نه پئي ڏئي.

سپريم ڪورٽ ۾ مختلف  ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هزارا برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو،

عدالت گهرو وزير، ليويز، لاڳاپيل ايجنسين ۽ بلوچستان سرڪار کي جلد رپورٽ جمع ڪرائڻ  جو حڪم ڏنو.

پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 11 مئي تي مقرر  ڪئي وئي آهي، جيڪا سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ٿيندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هزارا برادري خوف سبب سپريم ڪورٽ ۾ درخواست نه ڏئي رهي آهي، قاتل سرعام جلسا ڪري رهيا آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته هزارا برادري جي ماڻهن کي  يونيورسٽي ۾ داخلا نٿي ملي، اهي اسڪول، اسپتال نٿا وڃي سگهن، ڇا هزارا پاڪستاني شهري نه آهن.

واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي خاطري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري پاران ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف هنيل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

آرمي چيف چيو هو ته هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو، پاڪستاني عوام جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، هر شهري جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*