اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

Imran-Farooq-Case-101116

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت متحده باني جا دائمي وارنٽ جاري ڪندي سندس  ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو،

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند اڍيالا جيل ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت گرفتار جوابدارن معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي تي فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي درخواستگذار کان شاهديون طلب ڪري ورتيون .

عدالت متحده باني جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي الطاف حسين جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چالان جي متن موجب، جوابدار محسن علي، ڪاشف سان گڏجي عمران فاروق کي قتل ڪيو، جڏهن ته خالد شميم ۽ معظم علي محسن ساڻن سهڪار ڪيو.

جمع ڪرايل چالان جي متن موجب، عمران فاروق کي لنڊن ۾ 16 سيپٽمبر 2010 ۾ قتل ڪيو ويو.

عدالت ٽنهي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو، پر جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهديون طلب ڪندي 8 مئي تي درخواستگذار جي ٻن شاهدن کي پيشي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*