پير ڳوٺ ۾ 8 ڪلاس جي شاگرد جي گرفتاريءَ خلاف سندس ماءُ نياڻين سميت احتجاج ڪيو آهي

pir jo goth

پير  ڳوٺ ۾ 8 ڪلاس جي شاگرد جي گرفتاريءَ خلاف سندس ماءُ نياڻين سميت احتجاج ڪيو آهي، عورت سعيده شيخ خدشو ظاهر ڪيو آهي  ته سندس پٽ کي هاف فراءِ ڪيو ويندو.

ڪلري محلي واسڻ سعيده شيخ ميڊيا اڳيان دانهيو آهي ته پيرڳوٺ پوليس گذريل رات گهر تي چڙهائي ڪري معصوم پٽ سرمد شيخ کي گرفتار ڪيو، پوليس هن تي تشدد ڪيو ۽ ڦر لٽ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته کيس خدشو آهي ته نينگر کي جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيو ويندو.

هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته سندس پٽ کي آزاد ڪرائي پير ڳوٺ پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*