سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف توهين عدالت درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف توهين عدالت درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهر ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو.

درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي حڪم باوجود ڪي اليڪٽرڪ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم نه کڻي رهي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او سميت ٻين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*