ٺٽي ۽ گهاري ڀرسان مختلف حادثن جي نتيجي ۾ عبدالله شاهه اصحابي جي درگاهه جا 8 زائرين فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

thatto

ٺٽي ۽ گهاري ڀرسان مختلف حادثن جي نتيجي ۾ عبدالله شاهه اصحابي جي درگاهه جا 8 زائرين فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ميان صاحب ڀرسان مزدا جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو.

گهاري ڀرسان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ عبدالله شاهه اصحابي جي درگاهه جو زائر ڪراچي واسي نوجوان اسد الله فوت ٿي ويو.

ٺٽي جي ڇتو چنڊ واري علائقي ڀرسان ھاءِ روف جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ڪراچي واسي ٻه سڳا ڀائر احتشام ۽ شايان ۽ سندسن دوست رضوان فوت ٿي ويا.

ڇتو چنڊ ڀرسان حيدرآباد روڊ تي موٽرسائيڪلز سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي ظهير سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.

ٺٽي ڀرسان سجاول روڊ تي پٺاڻ ڪالوني وٽ سوزوڪي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار مير محمد ميرجت فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثن جي 30 کان وڌيڪ زخمين کي ٺٽي اسپتال ۽ گهارو صحت مرڪز پهچايو ويو، جتي جوڳيون سهولتون نه هئڻ ڪري کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

 شڪارپور ضلعي جي ميان صاحب واري علائقي ۾ سلطان ڪوٽ ڀرسان مزدا جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو نينگر ڀائي خان لوڊرو فوت ٿي ويو، حادثي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*