مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف پنهنجي نااهلي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

khuwaja asif

مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف پنهنجي نااهلي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾  خواجه آصف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ۽ قومي اسيمبلي جي رُڪنيت ختم ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي، خواجه آصف موقف اختيار ڪيو آهي ته بئنڪ اڪائونٽ ۾ سندس مجموعي رقم جو ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو به موجود نه آهي، غير ارادي طور اڪائونٽس ظاهر نه ڪري سگهيس

مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف پنهنجي نااهلي واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن کي ڏنل نوٽيفڪيشن ختم ڪيو وڃي.

درخواست ۾ خواجا آصف چيو ته  نامزدگي ڪاغذن ۾ پرڏيهي ملڪن جي بينڪ اڪائونٽس غير ارادي طور تي ظاهر نه ڪري سگهيس.

خواجا اصف چيو ته سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ ڪاغذن جي نامزدگي جي ڊڪليئرڊ اثاثن جي 0.5 سيڪڙو رقم هئي. موجوده رٽ داخل ٿيڻ کان اڳ مون بينڪ اڪائونٽ ۽ اقامو ظاهر ڪيو هو.

خواجا آصف چيو ته هاءِ ڪورٽ بنا ثبوتن جي غير فعال بينڪ اڪائونٽس ظاهر نه ڪرڻ کي بدنيتي قرار ڏنو، جڏهن ته فيصلي ۾ ملڪي ۽ يو اي اي قانون کي نظر ۾ نه رکيو ويو آهي.

خواجا آصف موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار هاءِ ڪورٽ کان حقيقتون لڪايون، مون نامزدگي ڪاغذن ۾ 6 ڏهائي 8 ملين رپيا پرڏيهي آمدني کي ظاهر ڪيو.

خواجا آصف چيو ته درخواست 2017 ۾ داخل ٿي ۽ 2015ع ۾ مون اقامو ظاهر ڪيو.

خواجا آصف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پاڻمرادي اڪائونٽ ظاهر ڪرڻ واري  عمل کي بدنيتي نٿو چئي سگهجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*