لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Ahsan-Iqbal-221016

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احسن اقبال عدالت جي توهين ڪئي، کيس آرٽيڪل 63، 64 تحت نااهل ڪيو وڃي.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ محمود اختر نقوي طرفان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پنهنجي بيان ۾ چيف جسٽس جي توهين ڪئي آهي،

درخواستگذار موجب، عدالت کي استدعا آهي ته کيس آرٽيڪل 63-64 جي تحت نااهل قرار ڏنو وڃي،

عدالت وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کيس ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*