پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان شاهه محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ وفد ملاقات ڪئي

shabaz shareef meet

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان شاهه محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ وفد ملاقات ڪئي، شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ ترقي ڪندي ته پاڪستان به خوشحال ٿيندو، مان جلد ئي سنڌ جو دورو ڪندس.

لاهور ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جي وفد شاهه محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

وفد ۾ جنرل سيڪريٽري سينيٽر سليم ضياءَ ۽ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري چوڌري محمد طارق به شامل هئا، ان موقعي تي پنجاب جي تعليم وارو وزير رانا مشهود به موجود  هيو.

شهباز شريف چيو ته نواز ليگ جي حڪومت سنڌ جي ترقي لاءِ پر عزم آهي،  سنڌ اڳتي وڌندي ته پاڪستان به خوشحال ٿيندو، مان تمام جلد سنڌ جو دورو ڪندس.

شهباز شريف چيو ته ڪراچي جي دوري دوران روشنين جي شهر جي حالت ڏسي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي عوام خدمت جو موقعو ڏنو ته پنجاب جهڙي بي مثال ترقي سنڌ ۾ آڻينداسين.

شهباز شريف چيو ته سنڌ کي پنجاب جيان خوشحال ۽ ترقي يافته صوبو بڻائيندايس.

سنڌ جي وفد چيو ته اوهان پنجاب کي ترقي ڏياري ٻين صوبن لاءِ رول ماڊل بڻايو آهي. اوهان جي ڪراچي جي دوري بعد مخالف پريشان ٿي ويا آهن.

سنڌ جي وفد چيو ته سنڌ جو عوام به پنجاب جيان ترقي چاهي ٿو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*