ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪاميابين واري سلسلي کي جاري رکندي بنگلاديش جي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي  پول اي جي هڪ ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪاميابين واري سلسلي کي جاري رکندي بنگلاديش جي ٽيم کي هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد 3وڪيٽن تان  شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

 نيوزيلينڊ جي شهر هيملٽن ۾ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 37 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان برينڊن ميڪيولم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

بنگلاديش جي ٽيم محمود الله جي شاندار سنچري سبب مقرره 50 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 288رنز اسڪور ڪيون.

بنگلاديش جي محمود الله ون ڊي ڪيريئر جي ٻي ۽ ورلڊڪپ ۾ مسلسل ٻي سنچري اسڪور ڪئي ۽128رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، جنهن ۾ 12 چونڪا ۽3 ڇڪا شامل هئا.

سميا سرڪار 51، شبير رحمان 40، شڪيب الحسن 23 ۽ مشفيق الرحيم 15رنز اسڪور ڪيون.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران گرانٽ ايليٽ، ٽرينٽ بولٽ ۽ڪوري اينڊرسن 2-2، جڏهن ته ڊينيئل وٽوري هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم بنگلاديش جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ مليل 289رنز جو ٽارگيٽ هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد 48 ڏهائي 5 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

نيوزيلينڊ جي اننگ جي خاص ڳالهه مارٽن گپٽل جي شاندار سنچري هئي، جنهن 11چونڪن ۽ٻن ڇڪن جي مدد سان 105 رنز اسڪور ڪيون، روز ٽيلر 56، ڪپتان برينڊن ميڪيولم 8، ڪين وليمسن هڪ ، گرانٽ ايليٽ۽ ڪوري اينڊرسن39- 39رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته ڊينيئل وٽوري 16 ۽ٽم سائوٿي 12 رنز اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

بنگلاديش جي ٽيم پاران شڪيب الحسن 4، ناصر حسين 2، جڏهن ته تاجل السلام هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي مارٽن گپٽل کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*