اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن جي باقاعدي شروعات ٿي وئي

ISLAMABAD AIRPORT 3518-1162

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن جي باقاعدي شروعات ٿي وئي، جده کان ايندڙ خانگي اڏام جي لينڊنگ ڪئي، اڄ 23  اڏامون لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪنديون.

نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي باقاعدي آپريشنل ٿيڻ بعد اڄ مديني کان قومي ايئر لائن جي پهرين اڏام پي ڪي 714 ۽ جده کان خانگي اڏام ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي.

نئين تعمير ٿيل ايئرپورٽ تي ملڪ جي مختلف شهرن ۽ پرڏيهه کان ٽوٽل 23 اڏامون لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪنديون.

نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي باقاعدي شروعات کانپوءِ پهرين ڏينهن ئي گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون.

هوڏانهن ايئر لائن طرفان سمورن مسافرن کي اڏامن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ته صبح 10 وڳي کانپوءِ بي نظير ڀٽو ايئرپورٽ تي فضائي آپريشن کي بند ڪيو ويو آهي. ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*