اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته 70 سالن کان پارليامينٽ جو اهڙو حال ناهي ڏٺو، جيڪو اڄ ڏسي رهيا آهيون

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته 70 سالن کان پارليامينٽ جو اهڙو حال ناهي ڏٺو، جيڪو اڄ ڏسي رهيا آهيون، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ رڳو 2 وزير موجود آهن،  ناڻي واري وزير جي تقرير سان غريبن جو پيٽ ڀرجي ويو آهي، بجيٽ کان پوءِ غريب ماڻهن کي ماني کائڻ جي ضرورت ناهي، رڳو ايف بي آر 30 ارب جي انجيڪشن هنئي آهي، عوام کي ان جي وضاحت ڏني وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس م خورشيد شاهه خطاب ڪندي چيو ته ناڻي واري وزير جي تقرير سان غريب ماڻهن جو پيٽ ڀرجيو يو آهي، بجيٽ کانپوءِ هاڻ غريب ماڻهن کي کائڻ جي ضرورت نه آهي.

هن چيو ته حڪومت غريب عوام تي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، سستي ماني سٺو منصوبو هو، چونڊون کٽڻ کانپوءِ اهوڇو  بند ڪيو ويو؟

اپوزيشن ليڊر چيو ته اڄ ميمبرن جي حاضري ڏسي پارليامينٽ جي بالادستي نظر اچي رهي آهي، 70 سالن کان تاريخ ۾ ۾ پارليامينٽ جو اهڙو حال نه ڏٺو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته سياست گندي نه آهي، پر ماڻهو سياست کي گندو ڪندا آهن، ڪجهه ماڻهن سياست ۽ سياستدانن کي گندو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ته گهرواري ۽ ٻار به چون ٿا ته سياستدان گندو ڪم ڇڏي ڏين.

اپوزيشن ليڊر چيو ته رڳو ايف بي آر 30 ارب جي انجيڪشن هنئي آهي، عوام کي ان جي وضاحت ڏني وڃي، سگريٽن تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪير به مخالفت نٿو ڪري ۽ ڪرڻ به نه گهرجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*