سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ترقي ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل جج جسٽس منيب اختر جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منقعد ڪئي وئي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ترقي ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل جج جسٽس منيب اختر جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منقعد ڪئي وئي، فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر حيدر امام رضوي چيو ته بار ۽ بئنچ ۾ هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.

هن چيو ته عدالتن کي سينيئر ۽ جونيئر وڪيلن سان هڪجهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سينيئر وڪيلن کي جلد منع نامه ملي ويندا آهن.

حيدر امام رضوي چيو ته جسٽس منيب اختر جو شمار قابل ترين جج  ۾ ٿئي ٿو.

هن چيو ته اعليٰ عدليه هزارين سرڪاري ملازمن جي آئوٽ آف ٽرن ترقين بابت فيصلو ڏنو آهي، اهو فيصلو عدليه تي به لاڳو ٿئي ٿو.

حيدر امام رضوي چيو ته سينيئر ججن جي جاءِ تي جونيئر ججن کي مقرر ڪرڻ سان عدليه جي ساک متاثر ٿئي ٿي.

فل ڪورٽ ريفرنس ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت سڀني بارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*