حيدرآباد ۾ ايف بي آر ڇاپو هڻي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي

Hyd-Map-11816

حيدرآباد  ۾ ايف بي آر ڇاپو هڻي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي، ايف بي آر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته گرفتار شخص کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

گدو چوڪ وٽ ايف بي آر ڪارروائي ڪري اسحاق راهو نالي شخص کي گرفتار ڪيو، جيڪو قاسم آباد جو رهواسي آهي.

ايف بي آر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته گرفتار شخص جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ صوبي جي مختلف شهرن جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پئسا جمع ڪرائيندا رهيا آهن.

هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ گرفتار شخص کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي ته هن پاڻ کي ٺيڪيدار ظاهر ڪيو هو.

ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته ڪافي ڳولا باوجود سندس ٺيڪيدار هئڻ بابت ڪي به ثبو نه مليا آهن، جنهن کان پوءِ ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي گرفتار اسحاق راهو جا هڪ بااثر سياسي شخص سان ويجها لاڳاپا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*