پرڏيهي کاتي، ڊاڪٽر شڪيل کي حوالي ڪرڻ ۽ عافيه صديقي کي وٺڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

Dr-Faisal-111217

پرڏيهي کاتي، ڊاڪٽر شڪيل کي حوالي ڪرڻ ۽ عافيه صديقي کي وٺڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو، ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته شڪيل آفريدي جي معاملي تي ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي ۽ معاملو گهرو وزارت به ڏسي رهي آهي.

پرڏيهي افيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو معاملو او آءِ سي ۽ رابطا گروپ ۾ اٿاريو آهي جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلي جو واحد حل ڳالهيون ئي آهن.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪ ڀارت سفارتڪارن کي هيسائڻ جو معاملو ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي آفيسن گڏجي حل ڪيو، ان معاملي ۾ بيڪ ڊور چينلز جو ڪو به ڪردار ناهي.

هن چيو ته افغان مهاجرن جي واپسي رڳو پاڪستان جو نه عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان پنهنجي حصي جو ڪم بارڊر مئنيجمينٽ جو نظام واضح ڪري ڪري رهيو آهي،

ڊاڪٽر فيصل چيو ته افغانستان مهاجرن جي پاڪستان ۾ موجودگي دهشتگردن کي لڪڻ جو موقعو ڏئي ٿو، پاڪ افغان سرحد تي چرپر روڪڻ دهشتگردن کي به مدد فراهم ڪندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*