سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته نيب هڪ اعليٰ درجي جو ڊرامو ۽ ان جي سزا هڪ فراڊ آهي

javaid hasmi

سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته نيب هڪ اعليٰ درجي جو  ڊرامو ۽ ان جي سزا هڪ فراڊ آهي، نيب جا ستر سيڪڙو ماڻهو فوج ۽ ايجنسين مان آيا آهن، نيب، نيب نه آهي پر عيب آهي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته نيب هڪ اعليٰ درجي جو  ڊرامو ۽ ان جي سزا هڪ فراڊ آهي،

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا چيو ته نيب درست ڪم نه پئي ڪري، مان واحد سياستدان آهيان، جنهن کي نيب مسٽر ڪلين جو نالو ڏنو آهي،

سينيئر سياستدان چيو ته نيب جا ستر سيڪڙو ماڻهو فوج ۽ ايجنسين مان آيا آهن،

هن چيو ته چيو ته نيب، نيب نه آهي پر عيب آهي، جيڪا ٻين کي سزائون ڏيڻ لاءِ بڻائي وئي آهي.

جاويد هاشمي چيو ته نيب هميشه فوجي حڪومت بحال ٿي آهي. نيب مشرف دور ۾ ڪنهن به سياستدان خلاف ڪيس نه ٺاهيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*