پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ گند جا ڍير، کٽارا بسون ۽ ٽٽل روڊ زرداري جي ڪارڪردگي آهي

Shahbaz-sharif-Punjab-1817

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ گند جا ڍير، کٽارا بسون ۽ ٽٽل روڊ زرداري جي ڪارڪردگي آهي،

لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سان مسلم ليگ ن سنڌ جي شيرازي ڀائرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شيرازي ڀائرن چيو ته اوهان جي ويزن ئي لاهور سميت پنجاب کي رول ماڊل بڻايو آهي.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته مسلم ليگ ن جي ايجنڊا ۾ رڳو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، هڪ صوبي جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه آهي.

هن چيو ته تبديلي جي دعويدارن وٽ نعرن ۽ دعوائن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، زرداري ۽ نيازي سياست کي واعدن ۽ عوام جو وقت برباد ڪرڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صورتحال کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪراچي ۾  گند ڪچري جا ڍير، کٽارا بسون ۽ ٽٽل روڊ زرداري جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*