سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ڦاهي ٻڌايل جوابدار صولت مرزا جي ڦاهي روڪڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ڦاهي ٻڌايل جوابدار صولت مرزا جي ڦاهي روڪڻ واري اپيل رد ڪندي سندس ڀيڻ کي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صولت مرزا جي ڀيڻ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڀاءُ جي ڦاهي روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ٿيل آهي، انڪري سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ڦاهي کي روڪرايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ صولت مرزا جي ڦاهي روڪڻ واري اپيل رد ڪندي سندس ڀيڻ کي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

صولت مرزا کي ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ 19 مارچ تي مچ جيل ۾ ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*