نائن زيرو تي ڇاپي ۾ گرفتار جوابدارن خلاف 27 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، غلام قادر ٿيٻو

ايڊيشنل آءِ جي، ڪراچي غلام قادر ٿيٻو  مذهبي عبادتگاهن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته نائين زيرو تي ڇاپي ۾ گرفتار جوابدارن خلاف 27 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام قادر ٿيٻو چيو ته شهر جو امن خراب ڪندڙ ڏوهارين جو ڪهڙي به جماعت جا واسطو هجي، کين بخش نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران متحده ڪارڪن وقاص شاهه کي لڳل گولي ننڍي هٿيار جي هئي، جنهن جي جاچ جاري آهي.

غلام قادر ٿيٻو چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل ڪيس جي جاچ ميرٽ تي ڪئي ويندي ۽  ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*