ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون درست ناهن، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾  مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هارس ٽريدنگ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان وضاحت ڪري ته ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ کيس ستن بدران 16 ووٽ ڪيئن مليا.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون درست ناهن، بلديا ٽائون سانحي ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران مارجي ويل ڪارڪن جي جاچ جاري آهي.

هن چيو ته نائن زيرو تي ڪارروائي دروان رينجرز کي الطاف حسين جي ڀيڻ جي گهر جي تلاشي نه وٺڻ گهرجي ها.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج ضرب عضب، رينجرز ۽ پوليس ڪراچي ۾ گڏيل آپريشن ڪري رهيون آهن.

خورشيد شاهه عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان وضاحت ڪري ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ دوران کين 7 ووٽن بدران 16 ووٽ ڪيئن مليا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*