قومي اهميت وارن معاملن ۾ سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، وزيراعظم نواز شريف

مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته قومي اهميت وارن معاملن ۾  سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

لاهور ۾وزيراعظم نواز شريف سان پيرپاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ۽ وفاقي وزير صدر الدين راشدي به موجود هئا.

ملاقات دوران وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ امن امان لاءِ کنيل قدمن سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي وفد ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ امن تائين ڏوهارين ۽ انهن جي ٺڪاڻن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهڻ گهرجي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت قومي اهميت وارن معاملن تي سڀني کي گڏ کڻ هلڻ چاهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*