پاڪستان ليزر گائيڊيڊ ميزائل برق کڻي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائيندڙ پهرين ڊرون بُراق جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

 آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڊرون جي ڪامياب تجربي تي انجنيئرز ۽ قوم کي واڌيون ڏيندي چيو آهي ته هاڻي پاڪستان کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻو آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته براق نالي ڊرون برق نالي ليزر گائيڊيڊ ميزائل کڻي هر قسم جي موسم ۾ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته براق ڊرون ۽ برق ميزائل جي تجربي وقت آرمي چيف جنرل راحيل شريف پڻ موجود هو.

پهرين پاڪستاني ڊرون جي ڪامياب تجربي بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف انجنيئرز ۽ قوم کي واڌيون ڏنيون.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڊرون جو ڪامياب تجربو تاريخي ڪاميابي آهي ۽ هاڻي هر پاڪستانيءَ کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*