وزيراعظم نااهلي ڪيس جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ موڪيلون پيون وڃن سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ، وزيراعظم نااهلي ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ظاهري طور وزيراعظم جي ناهلي بابت درخواستون ٻڌڻي جوڳيون نه آهن، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تشريح ضروري آهي.

وزيراعظم جي نااهلي بابت، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين، اسحاق خاڪواني ۽ گوهر نواز سنڌو پاران ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن.

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪئي هئي، جنهن بعد چئن صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو جسٽس جواد ايس خواجه لکيو آهي.

فيصلي موجب، وزيراعظم نااهلي ڪيس جي درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ لارجر بينچ ڏانهن موڪليون پيون وڃن، آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تشريح ضروري آهي.

فيصلي موجب، عدالت کي فيصلي کان اڳ ۽ درخواستن ۾ اٿاريل ٻين نقطن جي وضاحت ڪرڻي پوندي، طئي ڪرڻو پوندو ته نااهلي جو طريقيڪار ڪهڙو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*