وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته حالتون سخت آهن

shaikh rasheed

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه  شيخ رشيد چيو آهي ته حالتون سخت آهن، ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي،  پاڪستان وٽن قرضن جي ادائيگي لاءِ پيسا نه آهن، جلسا ڪرڻ سڀني جو حق آهي.

لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان احسن اقبال تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي، جلسا ڪرڻ سڀني جو حق آهي، حالتون سخت آهن،

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڌندي نظر اچي رهيو آهي. ڏکيون حالتون ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،

شيخ رشيد چيو ته پاڪستان وٽ قرض ادا ڪرڻ لاءِ پيسا نه آهن،  چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ سمورن پارٽين کي گڏجي ضابطه اخلاق ٺاهڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*