سانگهڙ ويجهو جوابدارن ننڊ پيل ڳوٺاڻي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

Sanghar-30716

سانگهڙ ويجهو جوابدارن ننڊ پيل ڳوٺاڻي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پڪ سري موري ويجهو جوابدارن مينهن جي واڙي ٻاهران ننڊ پيل ڳوٺاڻي پريل هڱورو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

صبح جو وارثن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن لاش سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس ۽ ڳوٺاڻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پيرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تي ٻن ڄڻن جي پيرن جا نشان موجود آهن، جن جا پيرا کنيا پيا وڃن.

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني نه آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*